اسلام آباد _ 23 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ريلوي جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ۽ مالي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ 2033ع تائين جي جامع اسٽرٽيجڪ روڊ ميپ تي باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان 10 سالن جي منصوبي تحت مين لائن 1 ۽ مين لائن 3 جي اپ گريڊيشن، علائقائي مواصلاتي رابطن ۾ بهتري ۽ ريلوي جي سمورن شعبن جي جديد ڊجيٽلائيزيشن جهڙن …
ريلوي سسٽم کي جديد بڻائڻ ۽ مالي استحڪام لاءِ 10 سالن جي روڊ ميپ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد _ 23 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ريلوي جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ۽ مالي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ 2033ع تائين جي جامع اسٽرٽيجڪ روڊ ميپ تي باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان 10 سالن جي منصوبي تحت مين لائن 1 ۽ مين لائن 3 جي اپ گريڊيشن، علائقائي مواصلاتي رابطن ۾ بهتري ۽ ريلوي جي سمورن شعبن جي جديد ڊجيٽلائيزيشن جهڙن بنيادي ۽ اهم منصوبن تي اڳڀرائي تيزي سان جاري آهي. انهن خيالن جو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اسلام آباد ۾ ” اڏام پاڪستان “ پروگرام تحت پاڪستان ريلوي بابت منعقد خصوصي گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان ريلوي 115 ارب روپين جي رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي، اداري جي مجموعي آمدني ۾ 24.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ آپريٽنگ سرح 96 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 84 سيڪڙو تي اچي وئي آهي . هن ٻڌايو ته مال برادري مان حاصل ٿيندڙ آمدني 32 ارب روپين کان وڌي 41 ارب روپين تائين پهچي وئي. پراپرٽي ۽ لينڊ روينيو ۾ 113 سيڪڙو جي تاريخي اڳڀرائي ٿي آهي. وفاقي وزير ريلوي فورم منعقد ڪرڻ تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جو شڪريه ادا ڪندي چيو ته ريلوي جي بحالي صرف ٽرانسپورٽ جو نه پر قومي معاشي ترقي جو منصوبو آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلوي جو وڏو حصو پنهنجي معاشي ۽ فني عمر پوري ڪري چڪو آهي ڇو ته ماضي ۾ گهربل سيڙپڪاري ناهي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته ٿر ڪول ريلوي ڪنيڪٽوٽي منصوبي تي 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جيڪو ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير زور ڀريو ته ڊجيٽل ٽڪيٽنگ، سمارٽ اسٽيشنن، اي آر پي سسٽمز ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي ريلوي کي محفوظ ۽ مالي طور تي مستحڪم ادارو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ريلوي تي خرچ ٿيندڙ پئسو خرچ نه پر ملڪ جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي، حڪومت ان کي ٻيهر قومي فراهمي جي ڪرنگهي جي هڏي جي حثيت وارو بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تي پر عزم آهي.











