اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث هر ڪردار کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير دهشتگرد حملي ۾ …
مستونگ ۾ سيشن جج تي دهشتگردن جي حملي ۾ ملوث ڌُرين کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث هر ڪردار کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ ان جي گن مين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندن ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن حملي ۾ زخمي ٿيل ايڊيشنل سيشن جج جي جلد ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي. بيان موجب وفاقي وزير واقعي تي وزيراعظم کي فوري طور تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته حڪومت واقعي کان مڪمل طور آگاهه آهي ۽ پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميواريون هر صورت ۾ پوريون ڪندي. اعظم نذير تارڙ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ڪامران ملاخيل سان ٽيليفون تي به رابطو ڪيو، جنهن مڪمل تعاون ۽ فوري قانوني ڪارروائيءَ جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن سان لوهي هٿن سان مُنهن ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته عدليه تي حملو درحقيقت رياست، آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ تي حملو آهي، اهڙين ڌُرين کي هر قيمت تي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته حڪومت عدليه جي تحفظ ۽ انصاف جي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگرديءَ خلاف رياست جي عزم ۾ ڪا ڪمزوري ناهي ۽ امن دشمن ڌُرين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو.











