قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جماعت اسلامي جي سيڪريٽري امير العظيم جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر مرحوم جي وارثن ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته امير العظيم جو وڇوڙو سندن وارثن، دوستن ۽ جماعت اسلامي لاءِ وڏو نقصان آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان دُعا …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جماعت اسلامي جي سيڪريٽري امير العظيم جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر مرحوم جي وارثن ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته امير العظيم جو وڇوڙو سندن وارثن، دوستن ۽ جماعت اسلامي لاءِ وڏو نقصان آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان دُعا گُهري ته هو مرحوم جي بخشش فرماءِ ۽ ڏکويل ڪٽنب کي اهو ڏُک برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں