سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي)  سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 32036 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 32036 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين جي …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي)  سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 32036 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 32036 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 371344 رپين کان گهٽ ٿي 370401 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 340961 رپين کان گهٽ ٿي 339546 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافيه جيولرز ايسوسيئيشن جي رپورٽ موجب چانديءَ جي في تولي جي قيمت ۾ به 33 رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ چانديءَ جو في تولو قيمت 6370 رپيا ٿي ويو.

مزید خبریں