اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن جي شدت کي نظر ۾ رکندي وفاقي، صوبائي ۽ مقامي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جامع تياريون، ريسڪيو ۽ امدادي قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وڌندڙ برساتن جي ڪري حساس علائقن ۾ اوچتو ايندڙ ٻوڏ، ڪڪر ڦاٽڻ، برفاني ڍنڍن جي …
صدر پاران ملڪ ۾ برساتن جي شدت سبب وفاقي، صوبائي ۽ مقامي عملدارن کي جامع تيارين، ريسڪيو ۽ امدادي قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن جي شدت کي نظر ۾ رکندي وفاقي، صوبائي ۽ مقامي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جامع تياريون، ريسڪيو ۽ امدادي قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وڌندڙ برساتن جي ڪري حساس علائقن ۾ اوچتو ايندڙ ٻوڏ، ڪڪر ڦاٽڻ، برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ (گلوف)، لينڊ سلائيڊنگ، درياهن ۾ چاڙهه ۽ شهري ٻوڏ جي خطرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر تازين برساتن ان جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ گهرن، انفراسٽرڪچر ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز)، صوبائي حڪومتن ۽ مقامي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي گڏيل رابطي کي هرممڪن حد تائين موثر بڻائين ۽ بروقت ابتدائي خبرداري کي يقيني بڻائين. هن برساتن، درياهن جي وهڪرن ۽ پاڻي جي سطح جي مسلسل نگراني جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ هيٺين علائقن کي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريُون مُڪمل رکڻ جي هدايت ڪئي. صدر لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ريسڪيو ۽ امدادي وسيلا اڳواٽ ئي حساس جاين تي موجود هُجڻ گهُرجن، ڪمزور ۽ خطري ۾ ورتل آبادين ۽ اهم انفراسٽرڪچر جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ اوچتو ٻوڏ، برفاني ڍنڍ جي ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ (گلوف) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خطرن وارن علائقن ۾ سياحن ۽ ٻين ماڻهن جي حفاظت لاءِ به ضروري قدم کنيا وڃن. صدر آصف علي زرداري اها به هدايت ڪئي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا هر وقت الرٽ رهن ۽ جتي به انساني جانين يا ملڪيتن کي خطرو هجي اتي فوري ۽ موثر ڪارروائي يقيني بڻائين. هن عوام تي زور ڏنو ته هُو سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن ۽ وڏين برساتن، اوچتي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ يا موسم سان لاڳاپيل ٻين خطرن جي وارننگ وارن علائقن ڏانهن غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. صدر امدادي ڪمن ۾ مصروف ريسڪيو ۽ هنگامي حالتن ۾ خدمتُون سرانجام ڏيندڙ عملي جي ڪوششن کي ساراهيندي سڄي ملڪ جي عوام جي سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي.











