اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ مصر جي ڀائر عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ اعتماد تي ٻڌل ۽ خُوشگوار دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ٻطرفي ڀائيواري سميت گهڻ طرفي …
صدر آصف علي زرداري پاران مصر جي صدر ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ مصر جي ڀائر عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ اعتماد تي ٻڌل ۽ خُوشگوار دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ٻطرفي ڀائيواري سميت گهڻ طرفي فورمن تي تعاون ۽ افهام و تفهيم جي روايت کي برقرار رکيو آهي، هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون انتهائي حوصلي جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي مُلڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ هن حصيداري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر تازي علائقائي تڪرار جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي فعال رابطي کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ دوستي جو رشتو ايندڙ سالن ۾ علائقائي هم آهنگي توڙي وسيع معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي وڌيڪ مضبوط ٿيندو.











