اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) مملڪتي وزير/ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون سان پاڪستان ۾ ماريشس جي هاءِ ڪمشنر منسو ڪريمباڪس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪار ۽ تبديل ٿيندڙ انفارميشن منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن جاري بيان مطابق ان موقعي تي ماريشس هاءِ ڪميشن جي نائب سربراهه آر اي ايل سيوتوهل …
وزيراعظم جي خاص مددگار فهد هارون سان ماريشس جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) مملڪتي وزير/ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون سان پاڪستان ۾ ماريشس جي هاءِ ڪمشنر منسو ڪريمباڪس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪار ۽ تبديل ٿيندڙ انفارميشن منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن جاري بيان مطابق ان موقعي تي ماريشس هاءِ ڪميشن جي نائب سربراهه آر اي ايل سيوتوهل به موجود هو. ملاقات دوران ڌرين تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڊجيٽل ميڊيا جي ماحول، ان جي نئين چئلنجز، موقعن، ڊجيٽل فارمز، وسيع ڊجيٽل ميڊيا ۽ انفارميشن ايڪو سسٽم سان لاڳاپيل گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ اڳڀرائي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بهترين طريقيڪار (بيسٽ پريڪٽسز) جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ جا موقعا تلاش ڪيا ويا. ڌرين، جدت، علم جي مٽا سٽا ۽ گڏيل طور تي فائده مند حصيداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڀريندڙ ڊجيٽل شعبن ۾ سهڪار مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ملاقات پاڪستان ۽ ماريشس جي دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ٻنهي ملڪن ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ گڏيل افهام و تفهيم ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











