اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت سان پيٽرول پمپ اونرز ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن ڪامياب ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڙتال جو سڏ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن پمپ اونرز ايسوسيئيشن ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ سمورن وڏن وزيرن جي تعاون سان هڪ موثر ۽ هدفي سبسڊي …
وفاقي حڪومت سان ڪامياب ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پيٽرول پمپ اونرز ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن پاران هڙتال جو سڏ ملتوي ڪرڻ جو اعلان
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت سان پيٽرول پمپ اونرز ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن ڪامياب ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڙتال جو سڏ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن پمپ اونرز ايسوسيئيشن ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ سمورن وڏن وزيرن جي تعاون سان هڪ موثر ۽ هدفي سبسڊي جو نظام جوڙيو ويو ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪري سگهجي. علي پرويز ملڪ چيو ته خطي ۾ ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن جي ڪري عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن تي شديد دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو هڪ نئون چئلينج سامهون آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار رات دير تائين ايراني قيادت ۽ آمريڪا سان رابطا ڪيا ته جيئن صورتحال کي مستقل جنگبندي طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته اوگرا جي معاونت سان عالمي معاهدن ۽ انهن ۾ موجود گنجائش کي نظر ۾ رکندي قيمتن ۾ جيڪو اضافو لازمي طور تي عوام تائين منتقل ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ان نظام کي شفاف اصولن موجب هلايو پيو وڃي. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته اڄ کان اوگرا قيمتن ۾ روزانو ٿيندڙ هر ڦيرڦار جا مڪمل تفصيل اردو وضاحت سان پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪندي ۽ اهو سلسلو باقاعدگي سان جاري رهندو. هن چيو ته ڊيلرز کي درپيش مسئلن، او ايم سيز سان معاملن ۽ ٻين معاملن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ اوگرا سان تفصيلي ويهڪون ڪيون وينديون. هن خاطري ڪرائي ته ڊيلرز جي مارجن جو ڪيترن ئي سالن کان التوا هيٺ مسئلو اوگرا جي مشاورت سان ڪابينا آڏو سمري پيش ڪري حل ڪيو ويندو ته جيئن جائز ڪاروبار ڪندڙ ڊيلرز پنهنجا خرچ مناسب مارجن جي ذريعي پورا ڪري سگهن. علي پرويز ملڪ چيو ته اوگرا جي چيئرمين ۽ پيٽروليم واري وزارت پاران اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ته ايندڙ ٻن هفتن جي اندر ان پراڻي مسئلي جو حل ڪڍي ڊيلرز کي خوشخبري ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن شفاف نظام جي باوجود او ايم سيز ۽ ڊيلرز جي وچ ۾ معاملا حل نه ٿيا ته ٻن هفتن کانپوءِ ٻيهر سمورين ڌرين سان کليل دل سان مشاورت ڪري بهتر حل ڪڍيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو مقصد نظام ۾ مڪمل شفافيت آڻڻ آهي ته جيئن ڪنهن به ڌر تي ناجائز منافعي خوري يا ذخيره اندوزي جو الزام نه لڳي سگهي. هن چيو ته سمورين ڌرين جي مشاورت سان ايندڙ ٻن هفتن جي اندر هڪ صاف، شفاف ۽ موثر نظام پيش ڪيو ويندو. هن حڪومت سان تعاون ڪندڙ سمورين لاڳاپيل ڌرين جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀ گڏجي اڳتي وڌون ته ڪو به چئلينج ناقابل حل نه آهي. هن چيو ته جهڙي طرح قيمتن ۾ اضافو ٿيو اهڙي طرح عالمي منڊيءَ ۾ گهٽتائي اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي واعدي موجب اٽڪل 70 کان 80 رپين تائين قيمتون گهٽ به ڪيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعالى فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سمورن لاڳاپيل ساٿين جي ڪوششن ۾ برڪت عطا فرمائي ۽ اهي ڪوششون مستقل جنگبندي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جو ذريعو بڻجن. هن چيو ته ريفائنريز، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون (او ايم سيز)، ڊيلرز ۽ انهن جي تنظيمن سميت تيل جي شعبي سان واڳيل سمورين ڌرين پنهنجي سگهه موجب ان نظام کي شفاف ۽ منصفاڻي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي هو سڀني جو ٿورائتو آهي. پيٽرول پمپس اونرز ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نمائندن چيو ته گذريل ٽي ڏينهن انتهائي محنت ڪئي ته جيئن معاملا ڪنهن رڪاوٽ جو شڪار نه ٿين ۽ صورتحال خراب ٿيڻ کان بچي وڃي. پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن جي نمائندن چيو ته حڪومت ۽ ڊيلرز ٻنهي جو گڏيل مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، نه ڪي انهن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهڻ آهي، انهي لاءِ سمورين ڌرين ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلن جي حل ۽ عوامي مفاد کي مٿانهون رکڻ تي اتفاق ڪيو.











