نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ سان ملاقات

اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ويجهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، اقتصادي رابطن، دفاع ۽ عوامي سطح تي …

اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ويجهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، اقتصادي رابطن، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن اداراجاتي رابطن ۾ مثبت اڳڀرائي، وڌندڙ اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي تازي ڪامياب دوري کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعلى سطح جي رابطن جو تسلسل انتهائي اهم آهي. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ ڳالهه ٻولهه ۽ امن جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان اميد جو اظهار ڪيو ته تازي علائقائي ڇڪتاڻ کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪيو ويندو جنهن سان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي.