اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ منعقد 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي آسيان جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ پراڻي حصيداري جي توثيق ڪندي واپار، رابطن (ڪنيڪٽيويٽي)، سيڙپڪاري ۽ عوامي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ آسيان جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن سان ملاقات
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ منعقد 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي آسيان جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ پراڻي حصيداري جي توثيق ڪندي واپار، رابطن (ڪنيڪٽيويٽي)، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار متحرڪ آسيان خطي سان پاڪستان جي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. آسيان سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، وسيع اقتصادي امڪانن ۽ پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ گڏيل مفادن کي ساراهيو. هن مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي وسيع موقعن تي زور ڀريندي گڏيل خوشحالي جي لاءِ ويجهي رابطي کي خوش آئنده قرار ڏنو. سيڪريٽري جنرل تازي علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مسلسل سفارتي ڪوششون پائيدار امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.











