راولپنڊي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي گذريل 48 ڪلاڪن دوران بلوچستان صوبي جي ضلعن سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪيترن ئي انٽيلجنس تي ٻڌل سرچ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 2 آپگهاتي بمبار عورتون ۽ سندن هڪ سهولتڪار کي به گرفتار ڪيو ويو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ڀارتي …
سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعن سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪيترائي انٽيليجنس تي ٻڌل سرچ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز، 10 دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي گذريل 48 ڪلاڪن دوران بلوچستان صوبي جي ضلعن سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪيترن ئي انٽيلجنس تي ٻڌل سرچ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 2 آپگهاتي بمبار عورتون ۽ سندن هڪ سهولتڪار کي به گرفتار ڪيو ويو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگرد ڳٺ جوڙ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين جي تسلسل ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي باقي رهيل عنصرن جي خاتمي لاءِ جامع گڏيل آپريشنز جاري آهي.گذريل 48 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع سوراب ۽ ضلع مستونگ ۾ ڪيترائي انٽيليجنس تي ٻڌل سرچ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز ڪيا جن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا. انهن ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ سوراب ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. اهڙي طرح ضلع مستونگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 2 عورت خودڪش بمبار ۽ انهن جي هڪ سهولتڪار کي به گرفتار ڪيو ويو. ڪارروائين دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود ۽ ديسي ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشنز جاري آهي. وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي نيشنل ايڪشن پلان جي منظور ڪيل حڪمت عملي عزم استحڪام تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي خلاف بنا فرق مهم پوري قوت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.












