اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني، نادرا هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي نادرا چيئرمين کيس اداري جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري کانپوءِ پنهنجي تاثرات جو اظهار ڪندي ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني نادرا جي دوري کي انتهائي خوشگوار ۽ حوصله افزا قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هن 20 سال اڳ به نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو هو ۽ 20 …
ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جو نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني، نادرا هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي نادرا چيئرمين کيس اداري جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري کانپوءِ پنهنجي تاثرات جو اظهار ڪندي ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني نادرا جي دوري کي انتهائي خوشگوار ۽ حوصله افزا قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هن 20 سال اڳ به نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو هو ۽ 20 سال کانپوءِ هتي نمايان ۽ انتهائي هاڪاري تبديليون ڏسڻ لاءِ مليون آهن. ايراني گهرو وزير چيو ته نادرا جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. نادرا جو جديد سڃاڻپ نظام ۽ ڊجيٽل خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ ان دوري سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اداره جاتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي.












