حڪومت جو بنيادي مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته حڪومت جو بنيادي مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي، سڌارن تي عملدرآمد ۾ دير قبولڻ جوڳي ناهي. انهن خيالن جو اظهار هن ريگيوليٽري سڌارن واري ڪابينه ڪميٽي جي 12هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداواري واري صلاحڪار هارون اختر خان، …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته حڪومت جو بنيادي مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي، سڌارن تي عملدرآمد ۾ دير قبولڻ جوڳي ناهي. انهن خيالن جو اظهار هن ريگيوليٽري سڌارن واري ڪابينه ڪميٽي جي 12هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداواري واري صلاحڪار هارون اختر خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس جي بنيادي ايجنڊا ڪميٽي پاران منظور ريگيوليٽري سڌارن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو وٺڻ هو. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پريس پڌرائي موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪل 558 سڌارن مان 76 تي عملدرآمد مڪمل ٿي چڪو آهي، 232 سڌارن تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته 243 سڌارا مقرره وقت گذرڻ باوجود التوا جو شڪار آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سي سي او آر آر جي فيصلن کي سنجيدگي سان ورتو آهي. هن چيو ته حڪومت جو بنيادي مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. هن جو چوڻ هو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضابطاڪاري ۾ نرمي اڻٽر آهي ۽ سمورا سڌارا گڏيل مشاورت سان طئي ڪيا ويندا. ان لاءِ انهن تي عملدرآمد ۾ دير قبولڻ جوڳي ناهي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ادارن جي التوا هيٺ سڌارن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي نوٽ ڪيو ته اڪثر سڌارا طريقيڪار جي ساده ڪاري ۽ ڊجيٽائيزيشن سان لاڳاپيل آهن. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 19 سڌارن ۾ صرف هڪ تي عملدرآمد ٿيو جڏهن ته 18 اڃا تائين التوا جو شڪار آهن. سي ڊي اي چيئرمين کان ان دير تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته سي ڊي اي فوري طور تي هڪ فوڪل پرسن نامزد ڪري ۽ جامع رپورٽ ڪيش ڪري. اهڙي طرح ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن اسلام آباد آگاهه ڪيو ته ان جي التوا هيٺ سڌارن تي اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ پنهنجي 3 سڌارن جي حوالي سان موقف پيش ڪيو ۽ ٽوبيڪو ايڪسپورٽ پرمٽ جي خاتمي جي تجويز تي اعتراض ڪيو. ٻين ادارن سميت فوڊ ڊپارٽمينٽ، آءِ سي ٽي انتظاميه، ڊائريڪٽوريٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن، ليبر ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، ماحولياتي تحفظ ايجنسي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، اسلام آباد فوڊ اٿارٽي، انڊسٽريز اينڊ منرل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ جي التوا هيٺ سڌارن جو به جائزو ورتو ويو. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آَف پاڪستان جا 139 سڌارا التوا جو شڪار آهن جن مان وڏو تعداد قانون سازي واري ڪابينه ڪميٽي ۾ غور هيٺ آهن. هارون اختر خان ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ خاطري ڪرائي ته سي سي ايل سي ۾ التوا هيٺ معاملن کي جلد اڪلايو ويندو. ڪميٽي ان حوالي سان 30 ڏينهن جي ڊيڊ لائين مقرر ڪندي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران ڪاروباري اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي شان بڻائڻ ۽ فارن ايڪسچينج ٽرانزيڪشنز کي هموار ڪرڻ بابت سڌارن تي به غور ڪيو ويو. ڪميٽي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ ريگيوليٽري سڌارن جي موثر لاڳو ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. ا جلاس جي پڄاڻي تي سمورن وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي وئي ته سڌارن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، دير جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي ويزن جي مطابق سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي. بورڊ آف انويسٽمينٽ سيرپڪارن جي سهولت ۽ سڌارن جي وقت سر لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.