مملڪتي وزير وجيهه قمر جي جمهوريه قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير سان ملاقات

آستانه - 22 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر جمهوريه قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير سياسات نوربيڪ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اعليٰ تعليم، سائنس، تحقيق ۽ هنر جي ترقي جي شعبن ۾ به طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ تعليمي معيار …

آستانه – 22 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر جمهوريه قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير سياسات نوربيڪ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اعليٰ تعليم، سائنس، تحقيق ۽ هنر جي ترقي جي شعبن ۾ به طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ، تعليم تائين رسائي وڌائڻ، نجوانن کي عالمي معيار جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ لاءِ تعليمي هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته انهن قومي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي تعليمي شراڪتداري نهايت اهم آهي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ، استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، گڏيل ۽ ٻٽي ڊگري پروگرامن، تحقيقي منصوبن، يونيورسٽين وچ ۾ رابطن ۽ اداره جاتي ڀائيوار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. وجيهه قمر قازقستان طرفان اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن، عالمي شهرت يافته يونيورسٽين کي راغب ڪرڻ، يونيورسٽين کي خودمختياري ڏيڻ، تحقيق کي هٿي ڏيڻ، ڊجيٽل تبديلي ۽ تعليمي پروگرامن کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهي تجربا پاڪستان لاءِ به فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اعليٰ تعليم، سائنس، تحقيق جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن، يونيورسٽين وچ ۾ ڀائيواري، تعليمي مٽاسٽا ۽ سائنسي تعاون کي عملي صورت ڏئي پاڪستان ۽ قازقستان پراڻن ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو.