اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان ايران جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير مهراڻ قرباني ۽ گهرو ۽ اقتصادي معاملن واري نائب وزير مهدي دوستي اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت مان جاري پريس رليز مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري اقتصادي سهڪار، واپار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي …
مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان ايران جي نائب وزيرن مهراڻ قرباني ۽ مهدي دوستي جي ملاقات
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان ايران جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير مهراڻ قرباني ۽ گهرو ۽ اقتصادي معاملن واري نائب وزير مهدي دوستي اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت مان جاري پريس رليز مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري اقتصادي سهڪار، واپار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ واپار واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي ميمبر ڪسٽمز آپريشنز، ايس آءِ ايف سي جي سيڪريٽري، پيٽروليم واري اسپيشل سيڪريٽري، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي گورنر، مواصلات وزارت ۽ ريلوي وزارت اختياري به شريڪ هئا.












