اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اربع جي رات ۽ خميس جي ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، برساتن دوران ڪشمير، مري، گليات، اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڊيره غازي خان جي جابلو ندي نالن ۽ اتر اوڀر بلوچستان جي مقامي/برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو …
اربع جي رات ۽ خميس ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اربع جي رات ۽ خميس جي ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، برساتن دوران ڪشمير، مري، گليات، اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڊيره غازي خان جي جابلو ندي نالن ۽ اتر اوڀر بلوچستان جي مقامي/برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، تيز برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، پشاور، نوشهره، گجرات، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، ساهيوال، خانيوال، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، تيز برسات، آنڌاڻي ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور تعميرن (سولر پينلز، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جيڪي شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون. اولهه واري هوائون جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان اڪثر هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جي توقع آهي. اڄ (خميس ڏينهن) خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان اڪثر هنڌن تي وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز کان شديد برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ موسم گر ۽ گهميل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي، دالبندين 45 ۽ نوڪنڊي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












