بلوچستان جي وڏي وزير پاران سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

ڪوئيٽا- 22 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي تباهي ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبه بندي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ وڏي وزير …

ڪوئيٽا- 22 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي تباهي ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبه بندي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ رياست دشمن عنصرن لاءِ ڪنهن قسم جي رعايت نه ٿيندي. هن چيو ته ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروائيون منطقي انجام تائين جاري رهنديون. مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل رهندي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوت سان جاري رکي ويندي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاميابيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن ۽ دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ مان پٽڻ لاءِ حڪومت سمورا موجود وسيلا ڪتب آڻيندي.