اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت جو ڏهون دور 21 جولاءِ تي ورچوئل طور تي منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) زاهد حسين ڪئي جڏهن ته مصر جي وفد جي سربراهي ايشيائي معاملن واري اسسٽنٽ پرڏيهي وزير سفير عمرو حمزه ڪئي. مشاورت ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي …
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت جو ڏهون دور ورچوئل طور تي منعقد ٿيو
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت جو ڏهون دور 21 جولاءِ تي ورچوئل طور تي منعقد ٿيو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) زاهد حسين ڪئي جڏهن ته مصر جي وفد جي سربراهي ايشيائي معاملن واري اسسٽنٽ پرڏيهي وزير سفير عمرو حمزه ڪئي. مشاورت ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي، جن ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستان ۾ مصر جو سفير ايهاب محمد عبدالحميد حسن پڻ شامل هئا. ان مشاورتي اجلاس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ مصر جي قيادت جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ ٻطرفي حصيداري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه فراهم ڪري رهي آهي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ موجوده ٻطرفي تعاون جي مختلف طريقيڪار تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت، سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي وفدن اعلى سطحي رابطن ۽ مٽاسٽا جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هنن گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون ۽ گڏيل حمايت جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. انهن مشاورتي اجلاسن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گرمجوشي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪئي. ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين باقاعده رابطو برقرار رکڻ ۽ سالياني ٻطرفي مشاورت جو ايندڙ دور گڏيل طور تي طئي ٿيل موزون تاريخن تي قاهره ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.












