موٽر وي پوليس جي چڪري ويجهو وڏي ڪارروائي، 22 ڪروڙ روپين جا نان ڪسٽم پيڊ سگريٽس هٿ، 11 ٽرڪ ۽ ڊرائيورز گرفتار

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي)نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي 22 ڪروڙ روپيا ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ سگريٽس اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. موٽر وي پوليس ترجمان مطابق اها ڪارروائي چڪري ويجهو ڳجهي اطلاع تي وقت سر عمل ۾ آندي وئي، جتي پشاور کان لاهور منتقل ٿيندڙ 11 ٽرڪن کي روڪي تلاشي ورتي وئي. تلاشي دوران ٽرڪن مان 22 …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي)نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي 22 ڪروڙ روپيا ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ سگريٽس اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. موٽر وي پوليس ترجمان مطابق اها ڪارروائي چڪري ويجهو ڳجهي اطلاع تي وقت سر عمل ۾ آندي وئي، جتي پشاور کان لاهور منتقل ٿيندڙ 11 ٽرڪن کي روڪي تلاشي ورتي وئي. تلاشي دوران ٽرڪن مان 22 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا غيرقانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ سگريٽس هٿ ڪيا. ترجمان ٻڌايو ته پوليس موقعي تان 11 ٽرڪن سميت 11 ڊرائيورن کي حراست ۾ ورتو آهي. هٿ آيل سگريٽس، سمورا ٽرڪ ۽ گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽمز اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي.