اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران توانائي، آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر، معدنيات، خوراڪ ۽ زراعت جهڙن ترجيحي شعبن ۾ ڊي ايف سي جي ڀرپور تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. اربع ڏينهن فنانس ڊويزن موجب ملاقات دوران ناڻي واري وزير چيو ته توانائي، آءِ ٽي، …
ناڻي واري وزير جي ڊي ايف سي جي نمائندن سان ملاقات، ترجيحي شعبن ۾ اداري جي ڀرپور تعاون جي خواهش جو اطهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران توانائي، آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر، معدنيات، خوراڪ ۽ زراعت جهڙن ترجيحي شعبن ۾ ڊي ايف سي جي ڀرپور تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. اربع ڏينهن فنانس ڊويزن موجب ملاقات دوران ناڻي واري وزير چيو ته توانائي، آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر، معدنيات، خوراڪ ۽ زراعت جهڙن ترجيحي شعبن ۾ ڊي ايف سي جي ڀرپور تعاون جي خواهش آهي. هن ڊي ايف سي پاران بندرگاهن، ٽيلي ڪميونيڪيشن، آءِ ٽي، توانائي، معدنيات، دواسازي، مينيوفيڪچرنگ ۽ سپلاءِ چين جي بهتري جهڙن اهم شعبن تي خاص ڌيان جي آجيان ڪندي چيو ته مٿي ڄاڻايل شعبن تي ڊي ايف سي جو ڌيان پاڪستان حڪومت جي ترقياتي ترجيحن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هن ڊي ايف سي جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن سيڙپڪاري جي قابل منصوبن جي نشاندهي ڪري سگهجي ۽ لاڳاپيل شراڪتدارن سان گڏجي عمل جوڳا ڪاروباري منصوبا تيار ڪري سگهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊي ايف سي جي نمائندگي قائم ڪرڻ جي امڪان ۽ مستقبل ۾ آمريڪي ڪانگريس جي وفدن سان رابطن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











