اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پاڪ چين بي ٽو بي فارماسيوٽيڪل اينڊ هيلٿ ڪيئر انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جي 6 اهم ذيلي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ 13 ويڪسينز مڪمل طور تي …
پاڪ چين بي ٽو بي فارماسيوٽيڪل اينڊ هيلٿ ڪيئر انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ فارما سيوٽيڪل سيڪٽر جي 6 اهم ذيلي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پاڪ چين بي ٽو بي فارماسيوٽيڪل اينڊ هيلٿ ڪيئر انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جي 6 اهم ذيلي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ 13 ويڪسينز مڪمل طور تي درآمد ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته حڪومت ملڪ جي پهرين قومي ويڪسين پاليسي تيار ڪري ورتي آهي. جيڪا مقامي سطح تي ويڪسين سازي جي راهه هموار ڪندي. انهن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته صحت جو شعبو انتهائي حساس آهي ۽ هتي عام نه پر تجربيڪار ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت پاڪستان پنهنجون 85 سيڪرو دوائون پاڻ تيار ڪري ٿو جڏهن ته انهن دوائن جي تياري لاءِ استعمال ۾ ايندڙ اٽڪل 95 سيڪڙو ڪچي مال جي درآمد ڪئي ويندي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت واري وزارت جي ٽيم پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ موثر ميچ ميڪنگ جو عمل مڪمل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 240 وفدن ۽ 140 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي، جڏهن ته 340 ٻه طرفيون ڪاروباري ملاقاتون ٿيون. هن ٻڌايو ته ڪانفرنس دوران 22 ڪمپنين 629.5 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون، جڏهن ته 800 ملين آمريڪي ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن تي به صحيحيون ٿيون. هن چيو ته هاڻي انهن ڪمپنين سان عملي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ باقاعده رابطا ۽ مشاورت جاري آهي. مصطفيٰ ڪمال اسلام آباد پوليس جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته وفدن جو ايئرپورٽ تي استقبال، رهائش ۽ ٻين انتظامن جي بهترين ذميواري نڀائي وئي. جنهن تي دنيا پاڪستان جي انتظامن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ 9 اهم معاهدن تي صحيحيون ٿيون جڏهن ته ڊريپ جي نظام ۾ وڏا سڌارا ڪيا ويا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت 52 ملڪن کي دوائون برآمد ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ هڪ سال جي اندر ڊريپ کي 100 سيڪڙو ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو.











