گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران مستونگ ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. گهرو وزير مستونگ ۽ سوراب ۾ 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي انتهائي تحسين جوڳو قرار ڏنو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. گهرو وزير مستونگ ۽ سوراب ۾ 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي انتهائي تحسين جوڳو قرار ڏنو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا مسلسل آپريشنز ضروري آهن ۽ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامن آهن. محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو خاتمو ڪندڙ بهادر سپوتن تي پوري قوم کي فخر آهي. سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان اسان جو فخر آهن ۽ اصل هيروز آهن. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي منصوبن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ قوم پنهنجي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں