ريلوي واري وفاقي وزير پاران سوراب ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعن سوراب ۽ مستونگ ۾ڪامياب انٽيليجنس آپريشن دوران 10 دهشتگردن يک مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته وطن عزيز جي امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي، ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد …

اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعن سوراب ۽ مستونگ ۾ڪامياب انٽيليجنس آپريشن دوران 10 دهشتگردن يک مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته وطن عزيز جي امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي، ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصر ۽ فتنه الهندستان سميت سمورن تخريبي نيٽ ورڪس خلاف موثر ڪارروائيون قومي سلامتي لاءِ انتهائي اڻٽر آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رهنديون، پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي انهن جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.

مزید خبریں