اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 3.62 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيٽپمبر ۾ ترسيل جا سودا 3.05 ڊالر جي اضافي سان 87.39 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي سيٽپمبر …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 3.62 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيٽپمبر ۾ ترسيل جا سودا 3.05 ڊالر جي اضافي سان 87.39 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي سيٽپمبر ۾ ترسيل جا سودا 3.08 ڊالر جي اضافي سان 94.09 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون ۽ چانڊيءَ جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ سون جي قيمت 40.40 ڊالر اضافي سان 4116.80 ڊالر في اونس، جڏهن ته چانڊي جي قيمت 0.37 ڊالر جي اضافي سان 59.48 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي. مڪئي جي قيمتون 3 ڊالر جي اضافي سان 478.25 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي قيمت 6.50 ڊالر جي بهتري سان 684.50 ڊالر في بشل رڪارڊ ڪئي وئي.











