پاڪستان پاران سعودي عرب ۽ بحيره احمر ۾ واپاري جهاز راني جي خلاف حوثي ويڙهاڪن پاران جاري مسلسل ڌمڪين جي مذمت

اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ بحيره احمر ۾ واپاري جهاز راني جي خلاف حوثي ويڙهاڪن پاران جاري مسلسل ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان نوعيت جون ڪارروايون علائقائي سلاتي جي لاءِ خطرو، جهاز راني جي آزادي جي لاءِ نقصانڪار، قاعدن تي ٻڌل سامونڊي نظام جي لاءِ چئلينج ۽ عالمي واپار جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ کي متاثر ڪن ٿيون. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ بحيره احمر ۾ واپاري جهاز راني جي خلاف حوثي ويڙهاڪن پاران جاري مسلسل ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان نوعيت جون ڪارروايون علائقائي سلاتي جي لاءِ خطرو، جهاز راني جي آزادي جي لاءِ نقصانڪار، قاعدن تي ٻڌل سامونڊي نظام جي لاءِ چئلينج ۽ عالمي واپار جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ کي متاثر ڪن ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته واپاري جهاز راني ۽ سعودي عرب سان واپاري سرگرمين کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ناقابل قبول ۽ عالمي قانون جي مڃيل اصولن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي خاص طور تي انهن اطلاعن تي گهري ڳڻتي آهي جن موجب سعودي عرب سان قانوني واپاري سرگرمين ۾ مصروف جهازن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. بيان ۾ پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستاني جهنڊي بردار جهازن يا پاڪستان جي سامونڊي مفادن جي خلاف ڪنهن به قسم جي جارحاڻي ڪارروائي کي پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ خودمختيار مفادن جي لاءِ سنگين خطرو تصور ڪيو ويندو. بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون موجب پنهنجي سامونڊي اثاثن ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ دفاع جي حق تحت سمورا ضروري قدم بشمول قانون موجب طاقت جي استعمال جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار ۾ سعودي عرب کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀائر ملڪ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي پختي عزم تي قائم رهندي سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن ۽ عالمي سامونڊي جهاز راني جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائين.