صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان جي سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الھندوستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگرد نيٽ ورڪس خلاف موثر ڪارروايُون قومي امن …

اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الھندوستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگرد نيٽ ورڪس خلاف موثر ڪارروايُون قومي امن لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته ٻاهرين مداخلت جي ڪري ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پُوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں