اسلام آباد - 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ ڏهه …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ ڏهه دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ ٻن عورت خودڪش بمبارن سميت انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباش ڏني آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي لعنت ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين اُن خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد بلوچستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي مُلڪ جي حفاظت لاءِ اڻٿڪ عزم ۾ انهن سان ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي بيٺل آهي.










