اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي، ته عدليه ۾ جاري سڌارن جو مقصد شهري مرڪز، جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته، شفاف ۽ موثر انصاف واري نظام جي جوڙجڪ آهي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي انصاف تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ عدالتي سڌارن جي بنيادي ترجيح آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ۾ …
عورتن کي انصاف تائين آسان پهچ عدالتي سڌارن جي اولين ترجيح آهي: چيف جسٽس

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي، ته عدليه ۾ جاري سڌارن جو مقصد شهري مرڪز، جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته، شفاف ۽ موثر انصاف واري نظام جي جوڙجڪ آهي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي انصاف تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ عدالتي سڌارن جي بنيادي ترجيح آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل قومن جي عورتن واري اداري جي چيف آف اسٽاف محمد ناصري جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد ۾ پاڪستان ۾ يو اين ويمن جي ڪنٽري نمائندي جمشيد ايم ڪاظي ۽ ڊپٽي ڪنٽري نمائنده فهميده اقبال خان به شامل هئا. چيف جسٽس وفد کي عدليه ۾ جاري سڌارن واري ايجنڊا کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جينڊر ريسپانسيو جسٽس انيشيو 27-2026ع تحت عورتون ڪيسن ۽ عدالتن سان رجوع ڪندڙ عروتن سان هڪ ئي جاءِ مربوط سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ويمن فيسليٽيشن سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته عدالتي نظام کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر، شفاف ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ اداره جاتي جديدڪاري ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل خدمتون متعارف ڪرايون پيون وڃن. ان موقعي تي محمد ناصري عورتن لاءِ انصاف تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته ويمن فيسليٽيشن سينٽرز جو قيام هڪ اهم اداره جاتي قدم آهي، ڇاڪاڻ ته عملي ۽ اداره جاتي رڪاوٽون اڪثر عورتن کي قانوني چاره جوئي کان روڪينديون آهن. هڪ ئي جاءِ سموريون ضروري مددگار خدمتن جي فراهمي عورتن کي پنهنجي قانوني حقن جي موثر استعمال ۾ مدد ڏينديون. ملاقات جي پڄاڻي تي چيف جسٽس پاڪستان محمد ناصري کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ٻنهي پاران ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته گڏيل تعاون ذريعي جامع، پهچ جوڳو ۽ عوام دوست انصاف وارو نظام، عورتن جي بااختيار بڻائڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.










