حڪومت پاران پاڪستان جي جي ايم ٽي اين ۽ عالمي اسڪوڪ پروگرامز لاءِ عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جو اعلان

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي جي ايم ٽي اين ۽ عالمي اسڪوڪ پروگرامز لاءِ عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري تي فنانس ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي مان ويڊيو لنڪ ذريعي پاڪستان جي گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ ۽ عالمي اسڪوڪ پروگرام لاءِ چونڊيل عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جي اعليٰ قيادت …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي جي ايم ٽي اين ۽ عالمي اسڪوڪ پروگرامز لاءِ عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري تي فنانس ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي مان ويڊيو لنڪ ذريعي پاڪستان جي گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ ۽ عالمي اسڪوڪ پروگرام لاءِ چونڊيل عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جي اعليٰ قيادت سان ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو. اهو اجلاس حڪومت ۽ چونڊ مالياتي ادارن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي باضابطا شروعات جي علامت آهي. پاڪستان حڪومت ريڪويسٽ فار پروپوزلز ۾ طئي ٿيل معيار ۽ طريقيڪار موجب چٽاڀيٽي عمل مڪمل ڪندي يورو بانڊز، عالمي سڪوڪ ۽ پاڪستاني روپئي ۾ جاري ٿيندڙ آمريڪي ڊالر سيٽلڊ بانڊز لاءِ عالمي بئنڪن جي ڪنسورشيم جي چونڊ ڪئي آهي. چونڊ ڪنسورشيم ۾ يورو بانڊ لاءِ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ، سٽي بينڪ، ڊوئچي بئنڪ اي جي، ايمريٽس اين بي ڊي ڪيپيٽل ۽ ايم يو ايف جي سيڪيورٽيز ايشيا لميٽڊ شامل آهن. عالمي سڪوڪ لاءِ ڪنسورشيم ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ، دبئي اسلامڪ بئنڪ پي جي ايس سي، سٽي بينڪ، ايمريٽس اين بي ڊي ڪيپيٽل ۽ اوڀر بئنڪ پي ايس سي کي چونڊيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستاني روپئي ۾ جاري آمريڪي ڊالر سيٽليڊ بانڊز لاءِ ڪنسورشيم اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ، سٽي بئنڪ ۽ ڊوئچي بئنڪ اي جي تي مشتمل هوندو. اهو ڪنسورشيم 3 سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ روائتي ۽ اسلامي مالياتي ذريعن تحت پاڪستان جي خودمختيار سيڙپڪاري مارڪيٽ ۾ بانڊز ۽ سڪوڪ جاري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. سموريون قانوني ۽ انتظامي گهُرجون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پنهنجي مالياتي حڪمت عملي موجب ضرورت پوڻ تي ان پليٽ فارمز کي ڪتب آڻيندي. اهي قدم هڪ وقتي فيصلو ناهن پر پرڏيهي مالياتي وسيلن کي مستحڪم، ۽ پائيدار بنائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي. پهريون ڀيرو ايم يو ايف جي سيڪيورٽيز ايشيا لميٽڊ ۽ اوڀر بئنڪن جي شموليت سان پاڪستان جي عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ناڻي وزارت موجب پاڪستان جي عالمي سيڙپڪاري مارڪيٽ ۾ واپسي بهتر ٿيندي معاشي صورتحال، مالياتي نظم و ضبط، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري، قرضن جي استحڪام ۽ جاري معاشي سڌارن سبب ممڪن ٿي آهي. انهن قدمن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي مالياتي ساک وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جو مقصد صرف سرمايو حاصل ڪرڻ ناهي پر هڪ اهڙو مارڪيٽ تي ٻڌل مالياتي پليٽ فارم جوڙڻ آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي تعداد ۾ اضافو، قرضن وٺڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ عالمي سيڙپڪاري مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي ڊگهي مدي جي موجودگي کي مضبوط بڻائي. پاڪستان حڪومت چونڊ عالمي بئنڪن جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اها شراڪتداري پاڪستان جي خودمختيار سيڙپڪاري ۽ مالياتي منصوبن جي ڪامياب لاڳو ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

مزید خبریں