سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جو پارلياماني سفارتڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن ذريعي پاڪستان – ڪينيڊا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان، پارلياماني سفارتڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏئي ڪينيڊا سان پنهنجي پراڻي دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي. اڱاري ڏينهن ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي واري تقريب ۾ مهمان خصوصي طور خطاب ڪندي سينيٽ …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان، پارلياماني سفارتڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏئي ڪينيڊا سان پنهنجي پراڻي دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي. اڱاري ڏينهن ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي واري تقريب ۾ مهمان خصوصي طور خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين، انيتا آنند کي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي ڀليڪار چوندي سينيٽ، پارليامينٽ ۽ پاڪستاني عوام پاران نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ اٽڪل 8 ڏهاڪن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن، تعميري سياسي ڳالهين، وڌندڙ اقتصادي تعاون، تعليمي مٽاسٽا ۽ ڪينيڊا ۾ رهندڙ متحرڪ پاڪستاني برادري جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته ٻه طرفو واپار پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي لاڳاپن جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ ڪينيڊا پاڪستان جي اعتماد جوڳي اقتصادي شراڪتدارن ۾ شامل آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڪينيڊا کان آمدني واپار ٿيندڙ زرعي جنسن، خاص ڪري ڪينولا، سويابين ۽ چڻا، پاڪستان جي غذائي سلامتي، زرعي شعبي ۽ صنعتي ترقي ۾ اهم ڪرار ادا ڪري رهيا آهن. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اوٽاوا ۾ ٿيل ڳالهين جي هاڪاري نتيجن جي تعريف ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن وچ م واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. هن 12 جنوري 2026ع تي ڪراچي بندرگاه تي ڪينيڊين ڪينولا جي پهرين کيپ جي آمد کي اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم علامت قرار ڏنو. هن چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي ۽ پارلياماني ڳالهين، گڏيل اعتماد، امن ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين جي حيثيت سان هن ڪينيڊيا کي ان فورم ۾ فعال شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سينيٽ چيئرمين توانائي، صاف ٽيڪنالاجي، کاڻين، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، سيڙپڪاري جهڙن شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن جي نشاندهي ڪندي چيو ته ڪينيڊا جي جديد فني مهارت ۽ پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت، ان جو اسٽريٽجڪ هنڌ ۽ وڏي پئماني تي صارفين جي مارڪيٽ ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل مفادن تي ٻڌل شراڪتداري جي بي شمار موقعا فراهم ڪري ٿي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پرڏيهي وزير انيتا آنند جو اهو دورو پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ پراڻي دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون هموار ڪندو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي سينيٽ چيئرمين ڪينيڊا جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ نوبل انعام يافته ليسٽر بي پيئرسن جو قول ٻڌائيندي چيو ته پائيدار امن صرف قومن وچ ۾ بهتر گڏيل افهام تفهيم سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته هي پيغام اڄ به ايترو ئي موثر آهي، ڇاڪاڻ ته مضبوط عالمي شراڪتداريون صرف معاهدن سان نه پر اعتماد، ڳالهين ۽ مضبوط انساني رابطن سان قائم ٿينديون آهن. هن پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪينيڊا سان لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏني ويندي، ۽ ٻنهي ملڪن جي شراڪتداري ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. ان کان پوءِ سينيٽ چيئرمين اسلام آباد ۾ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ۽ ان جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن پارليامينٽ ۽ پاڪستاني عوام پاران پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندو. سينيٽ چيئرمين، انيتا آنند جي عوامي خدمت، قانون ۽ تدريس جي شعبن ۾ نمايان خدمتن جي تعريف ڪندي مختلف اهم وزارتن ۾ سندس اثرائتي قيادت جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اعليٰ سطحي رابطن ۾ تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جا خواهشمند آهن. هن ياد ڏياريو ته ڪينيڊا انهن اولين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ان کي تسليم ڪيو، جنهن سان هڪ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن جو بنياد رکيو ويو. هن اهو به چيو ته ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائي جيڪا گڏيل تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل هئي. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اوٽاوا ۾ ٿيل ڳالهين ۽ اسلام آباد ۾ پاڪستان، ڪينيڊا ٻه طرفه سياسي مشاورت جي ڇهين دور جي هاڪاري نتيجن جي تعريف ڪندي چيو ته انهن سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، کاڻين، اهم معدنيات، توانائي، موسمياتي تبديلي، مصنوعي ذهانت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون جا نوان امڪان روشن ٿيا آهن. سينيٽ چيئرمين گڏيل قومن ۾ بين الپارلياماني يونين، دولت مشترڪه جي پارلياماني ايسوسيئيشن ۽ دولت مشترڪه سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي لاءِ ڪينيڊا جي تعاون جي تعريف ڪئي، عالمي ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي تعميري ڪردار جي به تعريف ڪئي. اقتصادي تعاون تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين ٻه طرفه واپار ۾ مسلسل اضافي جي آجيان ڪئي ۽ صاف ٽيڪنالاجي، توانائي، تيل ۽ گئس، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت کاڻين، صاف توانائي، زرعي ڪاروبار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ اهم معدنيات جي شعبن ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. هن پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ جي معاهدي تي جاري ڳالهين کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين صحت، تعليم ۽ سماجي ترقي جي شعبن ۾ پاڪستان لاءِ ڪينيڊا جي تعاون خاص ڪري ٻار ۽ ماءُ جي صحت ۽ پوليو جي خاتمي جي پروگرامن ۾ شراڪتداري جي تعريف ڪندي صحت، طبي تحقيق، زرعي جدت، موسمياتي لحاظ کان مناسب زراعت، اعليٰ تعليم، سائنسي تحقيق ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڀريو. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين ڄمون ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هي هڪ عالمي طور تسليم ٿيل تڪرار آهي، جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان ٿيڻ گهرجي. علائقائي صورتحال تي ڳالهائيندي هن وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون، اعتماد سازي ۽ سفارتي ذريعا ئي واحد اثرائتو رستو آهن. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي ان پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪينيڊا سان پارلياماني تعاون، اقتصدي رابطا، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن يقين ظاهر ڪيو ته پرڏيهي وزير انيتا آنند جو هي دورو پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ گڏيل امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.