چيني سيڙپڪار پاڪستان جي بندرگاهن، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائين: وفاقي وزيرجنيد انوار چوڌري

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيني سيڙپڪارن تي زور ڀريو آهي، ته هو پاڪستان جي بندرگاهن، لاجسٽڪس ۽سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائين ڇاڪاڻ ته پاڪستان حڪومت ملڪ کي علائقائي ٽرانزٽ ٽريڊ، لاجسٽڪس ۽ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ جامع سڌارن تي عمل پيرا آهي. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب اڱاري تي بيجنگ ۾ ريجنل ٽرانزٽ ٽريڊ هب انيشيٽو کي خطاب …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيني سيڙپڪارن تي زور ڀريو آهي، ته هو پاڪستان جي بندرگاهن، لاجسٽڪس ۽سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائين ڇاڪاڻ ته پاڪستان حڪومت ملڪ کي علائقائي ٽرانزٽ ٽريڊ، لاجسٽڪس ۽ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ جامع سڌارن تي عمل پيرا آهي. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب اڱاري تي بيجنگ ۾ ريجنل ٽرانزٽ ٽريڊ هب انيشيٽو کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري هاڻي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي رابطا سازي، واپاري سهولتڪاري، لاجسٽڪس، صنعتي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي اوسر کي هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته عالمي واپار تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، جتي ڊجيٽلائيزيشن، سمارٽ لاجسٽڪس، مضبوط سپلاءِ چينز، گرين شپنگ ۽ ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ مستقبل جي واپار جو رخ تعين ڪري رهي آهي. انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ نون موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ علائقائي تعاون ۽ جديد حڪمت عملي ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو منفرد جاگرافيائي هب ان کي علائقائي ۽ عالمي واپار لاءِ قدرتي گيٽ وي بڻائي ٿو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي، گوادر پورٽ اٿارٽي ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن سميت ملڪي سامونڊي ادارا پاڪستان کي جديد ميري ٽائيم، لاجسٽڪس ۽ صنعتي مرڪز بڻائڻ جي ويزن تي عمل ڪري رهيا آهن، جنهن سان نه رڳو پاڪستان نه پر پورو خطو فائدو کڻندو. هن چيو ته ريجنل ٽرانزٽ ٽريڊ هب جو تصور پاڪستان جي قومي اقتصادي ترجيحن سان مڪمل هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ ان تحت بندرگاهن جي جديدڪاري، ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز، لاجسٽڪس پارڪس، صنعتي انفراسٽرڪچر، سامونڊي خدمتون، ڊجيٽل واپاري سهولتڪاري ۽ ويليو ايڊڊ لاجسٽڪس پليٽ فارمز ۾ گڏيل سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وفاقي وزير ان موقعي تي جيانگ ٽون لينڊ انٽرنيشنل هولڊنگز جو شڪريو ادا ڪيو جنهن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين جي غير معمولي دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ هڪ وڌيڪ مربوط، مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل جي بنياد رکيو ويندو.