اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته آئينده بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم پاليسي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي انقلاب جو بنياد رکندي، جيڪو مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي سيرپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار صنعتي ماحولياتي نظام جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم …
بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم پاليسي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي انقلاب جو بنياد رکندي: هارون اختر خان
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته آئينده بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم پاليسي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي انقلاب جو بنياد رکندي، جيڪو مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي سيرپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار صنعتي ماحولياتي نظام جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صنعتي ترقي، صاف توانائي ۽پائيدار معاشي اوسر جي ويزن موجب وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان اسٽار چارج، اسٽار چارج انرجي، پاڪستان ۽ باهم گلوبل لميٽيڊ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اهو معاهدو عالمي تعاون، مقامي مينيوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل ماحولياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هارون اختر خان چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ٽرانسپورٽ شعبي جي اليڪٽرڪ موبيلٽي کي هٿي ڏيڻ ذريعي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئينده بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم پاليسي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي انقلاب جو بنياد رکندي، جيڪا مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار صنعتي ماحولياتي نظام جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو چارجنگ اسٽيشنز جي ڄار کي وسيع ڪرڻ سان صارفين لاءِ اليڪٽرڪ موبيلٽي وڌيڪ آسان ۽ رسائي جوڳي بڻجي ويندي. هن اليڪٽرڪ وهيڪلز کي مستقبل جي ٽرانسپورٽ ۽ پاڪستان جي صنعتي تبديلي جو اهم محرڪ قرار ڏيندي چيوته مشهور چيني ڪمپنين سان اسٽريٽجڪ شراڪتداريون پاڪستان ۾ اي وي بيٽرين جي مقامي تياري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ملڪي صنعتي صلاحيت ۾ اضافي ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي، خاص ڪري جديد مينيوفيڪچرنگ ۽ صاف توانائي جي ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ جيڪو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۽ صنعتي چٽاڀيٽي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري سيف انجم، جوائنٽ سيڪريٽري فريدون اڪرم شيخ، حڪومتي اختيارين، اسٽار چارج، اسٽار چارج انرجي پاڪستان، باهم گلوبل لميٽڊ جي نمائندن، ڪاروباري برادري جي ميمبرن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.












