اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج 2027ع جي حوالي سان آن لائن رجسٽريشن کانپوءِ ٻيو مرحلو ويجهو آهي، حج پانڌيئڙا پنهنجون نا مڪمل درخواستون جلد کان جلد مڪمل ڪري وٺن. اڱاري ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حج 2027ع کان 2030ع تائين جي رجسٽريشن ڪرائڻ وارا ماڻهو پنهنجي درخواستن جو آن لائن اسٽيٽس چيڪ …
حج 2027ع جي حوالي سان آن لائن رجسٽريشن کانپوءِ ٻيو مرحلو ويجهو آهي، حج پانڌيئڙا پنهنجون نا مڪمل درخواستون جلد کان جلد مڪمل ڪري وٺن: مذهبي معاملن واري وزارت
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج 2027ع جي حوالي سان آن لائن رجسٽريشن کانپوءِ ٻيو مرحلو ويجهو آهي، حج پانڌيئڙا پنهنجون نا مڪمل درخواستون جلد کان جلد مڪمل ڪري وٺن. اڱاري ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حج 2027ع کان 2030ع تائين جي رجسٽريشن ڪرائڻ وارا ماڻهو پنهنجي درخواستن جو آن لائن اسٽيٽس چيڪ ڪن، جيڪڏهن انهن جو اسٽيٽس هاڻي تائين پينڊنگ ۾ اچي رهيو آهي ته هو پنهنجا لاڳاپيل ڪوائف پورا ڪن. هن چيو ته حج درخواستگذارن جو آن لائن اسٽيٽس ڪمپليٽ ۽ سبمٽڊ هجڻ لازمي آهي، ان کانسواءِ سندن حج درخواست جو ٻيو مرحلو شروع نه ٿي سگهندو.












