اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4700 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 29 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 29 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4700 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4700 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 29 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 29 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4029 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 63 هزار 971 رپين مان وڌي 3 لک 68 هزار رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 33 هزار 652 رپين مان وڌي 3 لک 37 هزار 346 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 209 رپين جي واڌ کانپوءِ 6396 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 188 رپين جي واڌ کانپوءِ 5483 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4021 ڊالرز مان وڌي 4068 ڊالرز ٿي وئي.











