اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد ٽريڪنگ ۽ فيصلاسازي نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد وزيراعظم جي هدايتن تي عملدرآمد، اڳڀرائي ۽ نگراني کي ٽريڪ ڪرڻ آهي ته جيئن خودڪار احتسابي نظام سان فيصلاسازي جو عمل تيز ٿئي ۽ وزيراعظم جي هدايتن ۽ حڪومتي پاليسين جو موثر لاڳو يقيني، وقت سر ۽ معياري بڻائي …
وزيراعظم پاران وزيراعظم آفيس ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد ٽريڪنگ ۽ فيصلاسازي نظام جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد ٽريڪنگ ۽ فيصلاسازي نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد وزيراعظم جي هدايتن تي عملدرآمد، اڳڀرائي ۽ نگراني کي ٽريڪ ڪرڻ آهي ته جيئن خودڪار احتسابي نظام سان فيصلاسازي جو عمل تيز ٿئي ۽ وزيراعظم جي هدايتن ۽ حڪومتي پاليسين جو موثر لاڳو يقيني، وقت سر ۽ معياري بڻائي سگهجي. مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل جديد ترين ٽريڪنگ ۽ فيصلاسازي جي نظام جي افتتاحي تقريب اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد ٽريڪنگ ۽ فيصلاسازي جي نظام تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اڄ کانپوءِ ڪو روايتي فائل نظام نه هوندو، عوامي ڀلائي ۽ خدمت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان نظام کي جي مڪمل لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان نظام جي تياري ۽ فعاليت جي لاءِ وفاقي وزيرن احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل عملدارن جي واکاڻ ڪئي. هن هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون ان نظام کي اختيار ڪندي ان تحت معاملا سرانجام ڏين. هن چيو ته هاڻي روايتي انداز ۾ فائيل کڻي گهُمڻ جي ضرورت نه آهي، سمورا معاملا ان جديد نظام جي ذريعي اڪلايا وڃن. ان موقعي تي وفاقي وزير احد خان چيما چيو ته جديد طرز حڪمراني جي لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ڊيٽا تي ٻڌل نظام فعال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو جديد نظام حڪومتي فيصلن ۾ شفافيت ۽ وقت سر قدمن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ فيصلاسازي ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي پئي وڃي، موثر پاليسي سازي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل نتيجن جي لاءِ هي نظام انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پراڻي نظام ۾ سموريون گهرجون پوريون نه ٿينديون هيون ۽ آئوٽ پُٽ مان مڪمل فائدو نه پئي ملي سگهيو، ان لاءِ انهن خامين کي ختم ڪندي هي جديد نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، پراڻي نظام ۾ ڪيترائي قدم ۽ عنصر موجود نه هئا جن کي هن نئين نظام جو حصو بڻايو ويو آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وزيراعظم آفيس سسٽم بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بطور وڏي وزير ماضي ۾ ڊيجيٽائيزيشن جي شروعات ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هاڻي اسان ڊيجيٽل کان اي آءِ طرف گامزن آهيون ۽ سمورن شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سماجي تحفظ جي سڀ کان وڏي پروگرام کي پڻ ڊيجيٽائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پيپر ليس طرز حڪمراني طرف وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم آفيس سسٽم سان ڪارڪردگي ۽ خود احتسابي جو عمل بهتر ٿيندو. وزيراعظم کي ان جديد نظام بابت ڏنل بريفنگ موجب “وزيراعظم آفيس سسٽم” (پي ايم او ايس) پاڪستان جو پهريون مصنوعي ذهانت سان هلندڙ نظام آهي، اهو وزيراعظم آفيس جو سرڪاري ڊيجيٽل پليٽ فارم آهي جنهن جو مقصد وزيراعظم جا حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي انهن تي عملدرآمد، انهن جي تڪميل ۽ تڪميل کانپوءِ نگراني تائين سمورن معاملن جي سرانجام ڏيڻ جو خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ آهي. هي نظام گورننس ۽ شفافيت جي لاءِ سنگ ميل ۽ حڪومت جي معاشي ترجيحن ۽ خدمتن جي فراهمي جي ڏس ۾ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان نظام جي ذريعي وزيراعظم پاران سندس حڪمن جي ڊيڊ لائينز جي نشاندهي ۽ انهن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ وزارتن جي جوابدهي ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.











