اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ اعلى سطح جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي ايندڙ سفارتي سرگرمين جي تيارين جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ موثر رابطي ڪاري کي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعلى سطح اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ اعلى سطح جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي ايندڙ سفارتي سرگرمين جي تيارين جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ موثر رابطي ڪاري کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته ويجهو رابطو برقرار رکيو وڃي ۽ جامع تياريون ڪيون وڃن ته جيئن پاڪستان جي قومي مفادن جو موثر انداز ۾ فروغ يقيني بڻائي سگهجي.











