واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سان سينيٽر محمد اورنگزيب سان هني ويل ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر ۽ جنرل مئنيجر بيري گلڪ مين جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد واشنگٽن ڊي سي ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، وفاقي وزير پاڪستان جي ريفائنري شعبي جي جديدڪاري ۽ توسيع لاءِ هني ويل جي تجويز ڪيل سيڙپڪاري جو استقبال ڪندي چيو ته ان سان ملڪ جي مقامي ريفائننگ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان هني ويل ٽيڪنالاجيز جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سان سينيٽر محمد اورنگزيب سان هني ويل ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر ۽ جنرل مئنيجر بيري گلڪ مين جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد واشنگٽن ڊي سي ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، وفاقي وزير پاڪستان جي ريفائنري شعبي جي جديدڪاري ۽ توسيع لاءِ هني ويل جي تجويز ڪيل سيڙپڪاري جو استقبال ڪندي چيو ته ان سان ملڪ جي مقامي ريفائننگ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ امپورٽ واري پيٽروليم شين تي دارومدار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ هني ويل جي جديد ٽيڪنالاجي، سامان ۽ ريفائنري جي اپ گريڊنگ واري معاملي تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته مالي مدد لاءِ يو ايس ايگزم بينڪ، يو ايس انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن، مختلف ايڪسپورٽ ڪريڊٽ ايجنسين ۽ عالمي بينڪن ذريعي ممڪن فنانسنگ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته هي تجويز ڪيل منصوبو پاڪستان جي توانائي جي سيڪيورٽي، صنعتي ترقي ۽ پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.











