پيپلز پارٽي جي قيادت اسان جي لاءِ قابل احترام آهي: ڊاڪٽر فضل چوڌري

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اتحادي پارٽي آهي ۽ سندس قيادت اسان جي لاءِ قابل احترام آهي پر پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جلسن ۾ مسلم ليگ(ن) خلاف ڳالهائيندي اها ڳالهه وساري رهيا آهن ته آزاد ڪشمير ۾ سندن پنهنجي حڪومت آهي. اڱاري ڏينهن تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته آزاد …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اتحادي پارٽي آهي ۽ سندس قيادت اسان جي لاءِ قابل احترام آهي پر پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جلسن ۾ مسلم ليگ(ن) خلاف ڳالهائيندي اها ڳالهه وساري رهيا آهن ته آزاد ڪشمير ۾ سندن پنهنجي حڪومت آهي. اڱاري ڏينهن تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (نون ) ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي خلاف اليڪش وڙهي رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هميشه آزاد ڪشمير جي مسئلن جو نوٽيس ورتو ۽ سندس هدايت تي وزيرن جي ٽيم آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو ۽ مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪيا ، 27 سيٽمبر 2025ع تي اسان مظفر آباد جو دورو ڪيو ، 3 آڪٽوبر 2025ع تي آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿيون . هن جو چوڻ هو ته معاهدو طئي ٿيڻ بعد وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرائي مشورو ڪيو ۽ ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته آزاد ڪشمير جي ترقي لاءِ رقم گهرجي اها فراهم ڪئي وڃي . هن چيو ته اسان آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ 35 نڪتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو . 30 مئي 2026ع تي به وزيراعظم جي هدايت تي اسان مظفر آباد ۾ ويهي ڳالهيون ڪيون . اسان هر ڀيري چيو ته ڪشمير بابت هر مسئلي جو حل ڪشميرين پاڻ ڪڍيو آهي . ڪشميري عوام جيڪو فيصلو ڪندو ان ۾ وفاقي حڪومت ساڻن گڏ هوندي.ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي جي جلسي ۾ ڪشميرين جي فيصلي جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي اها دراصل اسان جي ئي موقف جي حمايت آهي. آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ اتان جي وزير اعظم فيصل راٺوڙ جي قدمن کي وفاق حمايت ڪئي . هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي مثبت ڪردار کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي . سياسي مقبوليت لاءِ ڪشمير ۾ ڪنهن فرق يا فرقي واريت کي ڦهلائڻ جو حق نه ڏينداسين . سندس چوڻ هو ته اسان آزاد ڪشمير ۾ اتحاد ، يڪجهتي ۽ امن چاهيون ٿا . مسلم ليگ (ن ) جي قيادت هڪ پرامن ڪشمير ڏسڻ چاهي ٿي . ڪشمير پاڪستان جي هر شهري جي دل ۾ وسندو آهي.

مزید خبریں