اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيلجيم جي بادشاهه فلپ، حڪومت ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ بيلجيم گڏيل احترام، اعتماد ۽ خيرسگالي تي ٻڌل پُراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن …
صدر جي بيلجيم جي بادشاهه فلپ، حڪومت ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيلجيم جي بادشاهه فلپ، حڪومت ۽ عوام کي سندن قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ بيلجيم گڏيل احترام، اعتماد ۽ خيرسگالي تي ٻڌل پُراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري جي فروغ کي خُوش آئينده قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جنهن ۾ بيلجيم جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلجيم سان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.











