اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام، پائيداري ترقي جي پاليسي اداري ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي حصيداري سان منعقد هڪ مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان جي ماحولياتي صورتحال بابت ڳڻتي جوڳيون حقيقتون سامهون آيون آهن. جڏهن ته ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ قومي ماحولياتي صورتحال رپورٽ جو خاص ايڊيشن تيار ڪيو ويندو …
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ خصوصي ماحولياتي رپورٽ تيار ڪرڻ جو فيصلو، پاليسي سازي ۾ نوجوانن جو موثر ڪردار هوندو: زينب نعيم
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام، پائيداري ترقي جي پاليسي اداري ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي حصيداري سان منعقد هڪ مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان جي ماحولياتي صورتحال بابت ڳڻتي جوڳيون حقيقتون سامهون آيون آهن. جڏهن ته ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ قومي ماحولياتي صورتحال رپورٽ جو خاص ايڊيشن تيار ڪيو ويندو ته جيئن قومي ماحولياتي پاليسي سازي ۾ نوجوانن جي آواز کي باضابطا طور شامل ڪري سگهجي. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جو مقصد نوجوانن کان تجويزون ۽ رايا حاصل ڪرڻ هو جيڪو آئينده شايع ٿيندڙ ان خصوصي رپورٽ جو حصو بڻجنديون. واضح رهي ته پاڪستان جي آخري قومي ماحولياتي صورتحال رپورٽ 2016ع ۾ شايع ٿي هئي، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ ڪو به الڳ باب يا خصوصي ايڊيشن شامل نه هو. ايس ڊي پي آءِ جي ايسوسيئيٽ ريسرچ فيلو ۽ ماحولياتي پائيداري سرڪلر اڪانامي شعبي جي سربراهه زينب نعيم چيو ته نوجوانن کان حاصل ٿيندڙ راين کي سڌي ريت قومي رپورٽ جي خصوصي يوٿ ايڊيشن ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته ماضي ۾ نوجوانن کي ماحولياتي پاليسي سازي جي عمل ۾ خاطر خواه نمائندگي نه ملي سگهي هئي، جڏهن ته هاڻي ان خال کي ڀرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن نئون نسل قومي فيصلن ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي. ايس ڊي پي آءِ جي ريسرچ ايسوسي ايٽ نيلم پري اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي رپورٽ جي شروعاتي نتيجن کان آگاهه ڪيو، جيڪا عالمي طور تي تسليم ٿيل ڊي پي ايس آءِ آر فريم ورڪ تحت جوڙي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ان طريقيڪار ذريعي ماحولياتي مسئلن جي بنيادي سماجي ۽ معاشي سببن، ان سان پيدا ٿيندڙ دٻاءُ موجوده صورتحال، عوام تي پوندڙ اثرن ۽ حڪومتي رد عمل جو جامع جائزو ورتو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته رپورٽ ۾ پاڪستان جي فضائي گدلاڻ کي سڀ کان سنگين مسئلن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. نيلم پري عالمي تحقيقي مطالعن جو حوالو ڏيندي چيو ته فضائي گدلاڻ سبب پاڪستان ۾ سراسري هر شهري جي متوقع عمر ۾ 3.4 کان 3.9 سال تائين گهٽتائي واقع ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا دنيا جي انهن خطن ۾ شامل آهي جتي فضائي گدلاڻ جا اثر سڀ کان وڌيڪ شديد آهن. هن ٻڌايو ته جيڪڏهن پاڪستان جي موجوده قومي صاف هوا پاليسي تي موثر انداز ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي ته 2030ع تائين پي ايم 2.5 جي نيڪال ۾ 36 کان 38 سيڪڙو ۽ 2050ع تائين اٽڪل 80 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. رپورٽ موجب فضائي گدلاڻ کان علاوه پاڻي جي وسيلن، زراعت، ماحولياتي صحت، قدرتي آفتن جي خطرن، طرز حڪمراني، احتساب ۽ سڄي ملڪ ۾ داخل ماحولياتي خلاف ورزين سميت 12 اهم شعبن جا تفصيلي جائزه به ورتا ويا.












