اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سومر جي رات کان اربع تائين مٿانهين خيبر پختونخوا (دير، چترال، سوات، ڪوهستان، بونير، مانسهره، ايبٽ آباد)، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، برساتن دوران ڪشمير، مري، گليات، اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڊيره غازي خان جي جابلو ندي نالن ۽ اتر اوڀر بلوچستان …
سومر جي رات کان اربع تائين مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سومر جي رات کان اربع تائين مٿانهين خيبر پختونخوا (دير، چترال، سوات، ڪوهستان، بونير، مانسهره، ايبٽ آباد)، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جي ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، برساتن دوران ڪشمير، مري، گليات، اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڊيره غازي خان جي جابلو ندي نالن ۽ اتر اوڀر بلوچستان جي مقامي/برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، تيز برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، پشاور، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ هيٺائين وارا علائقا پاني هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، تيز برسات، آنڌاڻي ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور تعميرات (سولر پينلز، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جيڪي اڄ رات کان شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون. اولهه واري هوائون جي سلسلي سبب سومر جي رات کان ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان اڪثر هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي وچولي کان تيز برسات جو امڪان آهي. اڄ (اڱاري ڏينهن) خيبر پختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان اڪثر هنڌن تي وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي وچولي کان شديد برسات جو امڪان آهي. ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ موسم گر ۽ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، پوٽوهار خطي ۽ استور ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل (حبس) رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي 48 ۽ سبي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











