ڪينيڊين پرڏيهي وزير انيتا آنند جي گهرو وزارت آمد، محسن نقوي سان ملاقات

اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) ڪينيڊيا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند گهرو وزارت جو دورو ڪيو ۽ وفاقي وزير محسن نقوي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا لاڳاپا، واپار، سيڪيورٽي ۽ گڏيل رابطا وڌائڻ سميت خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، ڪينيڊا جو هاءِ ڪمشنر، ڊائريڪٽر جنرل وفاقي تحقيقاتي اداري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو …

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) ڪينيڊيا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند گهرو وزارت جو دورو ڪيو ۽ وفاقي وزير محسن نقوي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا لاڳاپا، واپار، سيڪيورٽي ۽ گڏيل رابطا وڌائڻ سميت خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، ڪينيڊا جو هاءِ ڪمشنر، ڊائريڪٽر جنرل وفاقي تحقيقاتي اداري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو سميت ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ملاقات دوران غيرقانوني اميگريشن، انساني اسمگلنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي روڪٿام لاءِ گڏيل قومن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن لاءِ ٽريننگ ۽ ايڪسچينج پروگرامز شروع ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي وزيرن ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت تي جلد صحيحيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. گهرو وزير ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ انتهائي فعال ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ هو ته ڪينيڊا سان گڏيل مفادن جي شعبن ۾ حصيداري وڌائڻ جي معاهدي سان ٻه طرفه لاڳاپن کي نئين جدت ملندي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير انيتا آنند پاڪستان سان پنهنجي ملڪ جي لاڳاپن کي انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته ڪينيڊا پاڪستان سان ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان گڏيل تعاون کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جوڙڻ گهرجي.

مزید خبریں