اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ اعليٰ سطح جي وي آءِ پي ڪلچر جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪندي ريلوي واري وزير طور پنهنجي ۽ اعليٰ آفيسرن جي خصوصي سيلونز ۽ ريسٽ هائوسز جي وي آءِ پي رومز جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڪو به شهري مناسب ڪرايو ڏئي ان لگزري سفري ۽ رهائشي سهولت مان …
ريلوي واري وفاقي وزير جو پاڪستان ريلوي ۾ وي آءِ پي ڪلچر جي مڪمل خاتمي جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ اعليٰ سطح جي وي آءِ پي ڪلچر جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪندي ريلوي واري وزير طور پنهنجي ۽ اعليٰ آفيسرن جي خصوصي سيلونز ۽ ريسٽ هائوسز جي وي آءِ پي رومز جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڪو به شهري مناسب ڪرايو ڏئي ان لگزري سفري ۽ رهائشي سهولت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير ٻڌايو ته ريلوي کاتي کي جديد ۽ عوامي امنگن موجب ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريلوي اندر مٿي جي سطح کان وي آءِ پي ڪلچر جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جو سيلون، چيئرمين سيلون، چيف ايگزيڪيوٽو سيلون ۽ آءِ جي ريلوي جي استعمال واري سيلونز سميت وي وي آءِ پي موومينٽ لاءِ مخصوص سموريون سيلونز تي فوري طور تي پابندي لڳائي وئي آهي. ماضي ۾ اهي سلونز صرف مخصوص شخصيتن جي سفري ضرورتن لاءِ استعمال ٿينديون هيون، جنهن سان کاتي تي اضافي بار پوندو هو. هاڻي ڪو به عام شهري هڪ مقرر ۽ مناسب ڪرائي جي ادائگي کان پوءِ انهن شاندار سهولتن کي پنهنجي سفر ۽ رهائش لاءِ بڪ ڪرائي سگهي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ريلوي هڪ قومي اثاثو آهي ۽ ان جي سمورن وسيلن تي پهريون حق پاڪستان جي عام عوام جو آهي.











