اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، ايگري فوڊز ۽ ويڪسين جي تياري، قابل تجديد توانائي، آٽو موبائل ۽ آٽو پارٽس جي صنعت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، ايگري فوڊز ۽ ويڪسين جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، ايگري فوڊز ۽ ويڪسين جي تياري، قابل تجديد توانائي، آٽو موبائل ۽ آٽو پارٽس جي صنعت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه ۽ ٻيا اعلى سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ان ملاقات دوران وزيراعظم ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زراعت بشمول ايگري فوڊز ۽ ويڪسين جي تياري، قابل تجديد توانائي، آٽو موبائل ۽ آٽو پارٽس جي صنعت جي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو ساڻس جلد ملاقات جو منتظر آهي. هن اپريل ۾ ڪينيڊين هم منصب سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو ۽ خطي ۾ امن جي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ڪئناڊا جا ٿورا مڃيا. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند اسلام آباد ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني جو خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ ٻڌايو ته سندس هي دورو پنهنجي وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ آهي. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان ڪينيڊين پرڏيهي وزير زراعت، معدنيات، توانائي کانسواءِ آٽو ۽ آٽو پارٽس جي صنعت جي شعبن ۾ واپار ۽ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي پنهنجي حڪومت جي دلي خواهش جو اظهار ڪيو. ان سلسلي ۾ هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ تحفظ جو معاهدو پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ اهم ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ معدنيات جي شعبن ۾ وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ڪيو ته جيئن گڏيل فائدي جا موقعا ڳولي سگهجن ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ڪئناڊا سان پاڪستان کي ڪينولا جي درآمد جي حوالي سان فائٽو سينيٽري ضابطن جي پروٽوڪول تي صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. ان پروٽوڪول تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي صحيحون ڪيون.











