پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ڪينولا جي درآمد بابت فائٽو سينيٽري ضابطن جي پروٽوڪول تي صحيحون

اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند وزيراعظم هائوس ۾ ڪئناڊا سان پاڪستان خوراڪ، فيڊ ۽ پراسيسنگ جي لاءِ درآمد ڪئي ويندڙ جينياتي طور تي تبديل ٿيل ڪينولا جي فائيٽو سينيٽري درآمدي گهرجن بابت پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون. معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هو. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند وزيراعظم هائوس ۾ ڪئناڊا سان پاڪستان خوراڪ، فيڊ ۽ پراسيسنگ جي لاءِ درآمد ڪئي ويندڙ جينياتي طور تي تبديل ٿيل ڪينولا جي فائيٽو سينيٽري درآمدي گهرجن بابت پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون. معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هو. پرڏيهي آفيس موجب ان پروٽوڪول تحت ڪئناڊا کان درآمد ڪئي ويندڙ جينياتي طور تي تبديل ٿيل ڪينولا جي لاءِ نباتاتي تحفظ بابت درآمدي گهرجون طئي ڪيون ويون آهن. اهو معاهدو پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ زراعت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں