اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چنڊ جو عالمي ڏينهن 20 جولاءِ تي ملهايو ويو. سڄي دنيا ۾ هر سال اهو ڏينهن 1969ع ۾ اپولو اليون مشن دوران پهريون ڀيرو انسان جي چنڊ تي ڪاميابي سان لهڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2021ع ۾ خلائي تحقيق جي پرامن استعمال سان لاڳاپيل قرارداد تحت 20 جولاءِ تي عالمي چنڊ …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چنڊ جو عالمي ڏينهن 20 جولاءِ تي ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چنڊ جو عالمي ڏينهن 20 جولاءِ تي ملهايو ويو. سڄي دنيا ۾ هر سال اهو ڏينهن 1969ع ۾ اپولو اليون مشن دوران پهريون ڀيرو انسان جي چنڊ تي ڪاميابي سان لهڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2021ع ۾ خلائي تحقيق جي پرامن استعمال سان لاڳاپيل قرارداد تحت 20 جولاءِ تي عالمي چنڊ جو ڏينهن قرار ڏنو هو. ان موقعي تي سڄي دنيا جي ملڪن طرفان چنڊ جي تحقيق ۽ دريافت جي ميدان ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو.











