روشن ڊجيٽل اڪائونٽس تحت مالي سال 2026ع دوران 2.5 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا آهن: رپورٽ

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) تحت گذريل مالي سال 2026ع دوران 2.5 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا آهن. ٽاپ لائن ريسرچ رپورٽ مطابق گذريل 6 مالي سالن دوران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) تحت سڀ کان وڌيڪ محصول گذريل مالي سال ۾ وصول ٿيا. مالي سال 2021ع ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ذريعي 1.5 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا هئا، جڏهن ته مالي …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) تحت گذريل مالي سال 2026ع دوران 2.5 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا آهن. ٽاپ لائن ريسرچ رپورٽ مطابق گذريل 6 مالي سالن دوران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) تحت سڀ کان وڌيڪ محصول گذريل مالي سال ۾ وصول ٿيا. مالي سال 2021ع ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ذريعي 1.5 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا هئا، جڏهن ته مالي سال 2022ع دوران آر ڊي اي تحت 2.3 ارب رپين جون وصوليون ٿيون هيون. رپورٽ مطابق مالي سال 2023ع دوران آر ڊي اي تحت 1.1 ارب رپين جا محصول وصول ٿيا هئا، جيڪي مالي سال 2021ع کان مالي سال 2026ع دوران آر ڊي اي تحت سڀ کان گهٽ 1.1 ارب رپيا، مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان موڪليا ويا هئا. مالي سال 2024ع دوران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ذريعي 1.7 ارب رپيا پاڪستان موڪليا ويا، جڏهن ته مالي سال 2025ع دوران آر ڊي اي تحت موڪليل رقم وڌي 2.1 ارب رپين تائين پهچي وئي. رپورٽ مطابق گذريل مالي سال 2026ع ۾ آر ڊي اي تحت رقمن جي وصولين جو ڳاڻيٽو 2.5 ارب رپين تائين وڌي ويو جيڪو گذريل مالي سالن دوران موڪليل سڀ کان وڌيڪ رقمون آهن.

مزید خبریں