اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ شطرنج جو عالمي ڏينهن سومر 20 جولاءِ تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جي تجويز يونيسڪو پيش ڪئي هئي ۽ 1966ع کان هر سال اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. واضح رهي ته ڊسمبر 2019ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ان ڏينهن کي باقاعده ملهائڻ جي منظوري ڏني هئي. رپورٽ مطابق دنيا جي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ شطرنج جو عالمي ڏينهن 20 جولاءِ تي ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ شطرنج جو عالمي ڏينهن سومر 20 جولاءِ تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جي تجويز يونيسڪو پيش ڪئي هئي ۽ 1966ع کان هر سال اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. واضح رهي ته ڊسمبر 2019ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ان ڏينهن کي باقاعده ملهائڻ جي منظوري ڏني هئي. رپورٽ مطابق دنيا جي 70 سيڪڙو آبادي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو شطرنج کيڏي آهي. شطرنج 2 رانديگرن وچ ۾ کيڏي ويندڙ راند آهي، جيڪا ذهني حڪمت عملي تي ٻڌل هوندي آهي. شطرنج ٻين علمن وانگر قومن جي ترقي جو ميزان آهي. گذريل تهذيبن ۾ ان راند کي خاص اهميت حاصل هئي. ڪجهه ماڻهن مطابق ان راند جي ايجاد مصر، چين يان ايران ۾ ٿي هئي.











