اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 5 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 258 رپين جي واڌ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 5 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 258 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 63 هزار 713 رپين مان وڌي 3 لک 63 هزار 971 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 33 هزار 415 رپين مان وڌي 3 لک 33 هزار 652 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 107 رپين جي واڌ کانپوءِ 6177 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 91 رپين جي واڌ کانپوءِ 5295 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4018 ڊالر مان وڌي 4021 ڊالر ٿي وئي.











