وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪون

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اسپين جي ٽيم غير معمولي ٽيلنٽ، پختي عزم ۽ شاندار ٽيم ورڪ جي بدولت چيمپئن بڻجي آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن، مستقبل ۾ به اسپين جي وڌيڪ ڪاميابين ۽ شاندار فتحن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اسپين جي ٽيم غير معمولي ٽيلنٽ، پختي عزم ۽ شاندار ٽيم ورڪ جي بدولت چيمپئن بڻجي آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن، مستقبل ۾ به اسپين جي وڌيڪ ڪاميابين ۽ شاندار فتحن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي فيفا کي به ورلڊ ڪپ ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جي شاندار ۽ ڪامياب منعقد ڪرڻ تي پوري انتظاميه مبارڪن جي مستحق آهي، ٽورنامنٽ، فٽبال جي دنيا کي متحد ڪرڻ جي طاقت کي بهترين انداز ۾ پيش ڪيو، فيفا ورلڊ ڪپ، سڄي دنيا جي ڪروڙين مداحن ۽ قومن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. هن چيو ته ورلڊ ڪپ جو منعقد ٿيڻ فٽبال جي خوبصورت راند جو هڪ حقيقي ۽ يادگار جشن ثابت ٿيو.

مزید خبریں